سيٺارجا ۾ ڇوڪري سان عشق جي چڪر ۾ ويل همراهه پنجاب ۾ قتل

setharaja-map

سيٺارجا  واسي نوجوان ناريءَ  سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد پنجاب جي علائقي نوشاب  ويو ته ناري جي وارثن کيس قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٽنڊو مير علي جو رهواسي نوجوان عاقب آرائين هڪ ناري سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد ساڻس ملڻ لاءِ پنجاب جي علائقي نوشاب ويو، جتي ناري جي وارثن کيس قتل ڪري ڇڏيو.

  مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن نوجوان عاقب آرائين کي قتل ڪرڻ بعد ساڻن رابطو ڪري ٻڌايو ته هو لاش کڻائي وڃن.

مقتول جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان هڪ ناري سان فون تي ڳالهائندو هو، ناري پاران کيس پنجاب گهرايو ويو، جنهن بعد هو چار ڏينهن اڳ پنجاب لاءِ روانو ٿيو هو.

مقتول جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بيگناهه قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*