ماتلي جي عدالت عورت کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ ٻن ڄڻن کي 3-3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

matli-court

ماتلي جي عدالت عورت کي  قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي  عمر قيد ۽  ٻن ڄڻن کي 3-3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جي عدالت 2015 ع ۾ قتل ٿي ويل عورت نگينا ڀرڳڙي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مقتول عورت جي مڙس غلام حسين ڀرڳڙي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ۽ جوابدار جي ڀاءُ  غلام فاروق ۽ غلام مرتضيٰ کي 3-3 سال قيد جي سزا ٻڌائي.

عدالت جوابدارن جي پيءُ محمد بخش ڀرڳڙي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته جوابدارن  2015 ۾ عورت نگينا ڀرڳڙي کي  گهرو اڻبڻت تان قتل ڪيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*