نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان تعليم کاتي حيدرآباد جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شمس الدين دَل کي گرفتار ڪري ورتو

shamas din

نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان تعليم کاتي حيدرآباد جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شمس الدين دَل کي گرفتار ڪري ورتو، شمس دل تي پير مظهر جي دور ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 138 غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ جا الزام آهن، شمس دل غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 18 جون تائين ضمانت ۾ واڌ بعد هاءِ ڪورٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هو ته نيب گرفتار ڪري ورتو، ضمانت باوجود گرفتاري خلاف سندس وڪيل جي درخواست تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي سومر ڏينهن جواب طلب ڪري ورتو.

نيب ڪارروائي ڪري تعليم کاتي حيدرآباد جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شمس الدين دل کي گرفتار ڪري ورتو، شمس الدين دل غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 18 جون تائين ضمانت ۾ واڌ ڪرائڻ بعد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻاهر نڪتو ته نيب کيس گرفتار ڪري ورتو، شمس دل جي وڪيل گرفتاري خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

اڳوڻو ڊائريڪٽر تعليم شمس الدين دل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري ڪيس ۾ پيش ٿيو، جنهن بعد عدالت سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 18 جون تائين واڌ ڪئي.

شمس الدين دل جيئن ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ٻاهر نڪتو ته نيب کيس گرفتار ڪري ورتو.

نيب جو چوڻ آهي ته شمس الدين دل اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي دوري ۾ ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد طور مقرري دوران غير قانوني طريقي سان ڄامشوري ضلعي اندر 138 ڀرتيون ڪيون.

نيب موجب جوابدار شمس الدين دل جاچ دوران ڪڪس بيڪس ۽ ڪميشن جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي آفيسرن جي ملوث هئڻ جو به انڪشاف ڪيو آهي.

شمس الدين دل جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت باوجود گرفتاري خلاف سندس وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

عدالت شمس الدين دل جي وڪيل جي درخواست تي رجسٽرار معرفت نوٽيس جاري ڪندي نيب کان سومر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*