راڌڻ ۾ سولنگي ۽ پير برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

radhan19-8

راڌڻ ۾ سولنگي ۽ پير برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

شهر جي مسافر پير وٽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فدا سولنگي مارجي ويو، جڏهن ته اسد ۽ شميم سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*