سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 13 ارب رپيا سڙپ ڪيا ويا آهن:سيڪريٽري صحت احمد بخش ناريجو

ahmad-bux-narijo

سيڪريٽري صحت احمد بخش ناريجو چيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 13 ارب رپيا سڙپ ڪيا ويا آهن، ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرز خلاف سخت ڪاررروائي ڪئي ويندي.

سيڪريٽري صحت احمد بخش ناريجو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان ملاقات ڪري سهولتن بابت ڄاڻ ورتي.

 ميڊيا سان ڳالهائندي سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر ڪيترائي ڊاڪٽرز نجي ڪلينڪون کولي ويٺا آهن، جيڪي اسپتالن کي ٽائم نٿا ڏين.

هن چيو ته ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرز خلاف جاچ لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جن جي رپورٽ بعد ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته سرڪاري  اسپتالن ۾ ضرورت  ڪجهه هنڌن تي سهولتن جي کوٽ آهي جن کي پورو ڪرڻ لاءِ به ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.

سيڪريٽري صحت جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن کي بهتر ڪرڻ لاءِ  13 ارب رپين جا ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*