حليمان قتل ڪيس جي جوابدار رضوان عدالت ۾ 164 جي بيان دوران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار

karachi-razwan-

حليمان قتل ڪيس جي جوابدار رضوان عدالت ۾ 164 جي بيان دوران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته حليمان سان سندس ڪو به واسطو نه آهي نه ئي هن حليمان کي قتل ڪيو آهي،عدالت جوابدار رضوان کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ حليمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گرفتار جوابدار  رضوان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران سندس 164جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو.

جوابدار رضوان  ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو  ته حليمان سان سندس ڪو به واسطو نه آهي نه ئي هن حليمان کي قتل ڪيو آهي.

هن چيو ته حليما کي سندس ويڳي پٽ چوڌري انصر علي قتل ڪيو هو.

هن چيو ته ٿاڻي تي ڌيءُ ۽ زال کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي مرضيءَ جو بيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو، مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي هوندا، عدالت جوابدار رضوان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

جوابدار رضوان جي وڪيل عدالت ۾ رضوان جي ضمانت واري درخواست جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪِل کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف آهي، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو آهي.

جاچ آفيسر انصر علي عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار رضوان حليمان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري 164 تحت سندس اعترافي بيان رڪارڊ ڪيو وڃي.

عدالت جوابدار رضوان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*