فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

sindh-assembly11-12-15

فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، نندڪمار گوڪلاڻي پاران جمع ڪرايل رٿ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي کانپوءِ گئس لوڊشيڊنگ عوام جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن، حڪومت گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري.

فنڪشنل ليگ جي پارلياماني اڳواڻ نندڪمار گوڪلاڻي سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهچي صوبي اندر گئس لوڊشيڊنگ خلاف رٿ جمع ڪرائي.

نندڪمار گوڪلاڻي پنهنجي جمع ڪرايل رٿ ۾ چيو آهي ته سنڌ اندر بجليءَ جي لوڊشيدنگ کانپوءِ گئس لوڊشيدنگ ماڻهن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته صوبي ۾ گهريلو صارفين بدران صنعتن کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب صارفين کي رڌ پچاءُ ۾ تڪليف آهي.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ نندڪمار گوڪلاڻي پنهنجي جمع ڪرايل رٿ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گئس جي لوڊشيدنگ ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*