وزير اعليٰ هائوس ڪنهن جي جاگير نه آهي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هو روز احتجاج ڪندا رهندا:خواجه اظهار

khuwaja-azhar

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته وزير اعليٰ هائوس ڪنهن جي جاگير نه آهي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هو روز احتجاج ڪندا رهندا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته ڪميشن مافيا ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف ڪم ڪندا رهنداسين ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي بي نقاب ڪيو ويندو.

خواجه اظهار چيو ته هر کاتي جو وزير ڪرپشن جو سردار آهي ۽ سنڌ حڪومت خوشفهمي ۾ مبتلا آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت راڳ آلاپي رهي آهي ۽ ان کي خبر ئي ناهي ته ڄڄ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*