پنجاب جي علائقي گجرات ۾ هڪ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ وڪيل ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويا

Gujrat-11616

پنجاب جي علائقي گجرات ۾ هڪ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ وڪيل ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويا، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

گجرات جي علائقي ڪڙيانوالا ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻنهي ڄڻن رستي ۾ ئي دم ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ ايڊووڪيٽ ساجد چوڌري ۽ سندس ڊرائيور طور ٿي آهي، جيڪي عدالت ۾ حاضري تي وڃي رهيا هئا.

پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*