يورو فٽبال ڪپ جي پهرين ميچ ۾فيوريٽ فرانس جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رومانيه جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

France-bootball-Matches-11616

يورو فٽبال ڪپ جي پهرين ميچ ۾فيوريٽ فرانس جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رومانيه جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

پيرس ۾ کيڏي ويل ميچ دلچسپ ۽سخت ثابت ٿي.

ميچ جي پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول اسڪور ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ٿي سگهي،جڏهن ته ميچ جي ٻئي هاف ۾ فرانس پاران پهرين گول اوليوئر گرائوڊ اسڪور ڪيو.

ميچ ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال سامهون آئي، جڏهن ته فائول سبب رومانيه پاران بولڊن اسٽنڪو پينلٽي شوٽ تي گول اسڪور ڪري ميچ کي هڪ-هڪ گول سان برابر ڪيو.

ميچ جي ٻئي هاف جي آخري منٽن ۾ فرانس پاران ٻيو گول ڊمٽري پئيٽ گول اسڪور ڪري ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*