قومي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Shahid-Afridi-Peshawar-Zalmi-11616

قومي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي  ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ايندڙ سيزن ۾ هو ڪنهن ٻي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

شاهد آفريدي پي ايس ايل جي پهرين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي جي ٽيم جي قيادت ڪئي.

پشاور زلمي جي ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو،جنهن ٽيم کي اسلام آباد جي ٽيم هٿان 50رنز تان شڪست نصيب ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايونٽ بعد ٽيم جي مالڪ جاويد آفريدي ۽ شاهد آفريدي وچ ٽيم جي سلڪيشن تي تڪرار پيدا ٿيو هو.

ڪيترن ئي پروفيشنل ايونٽس ۾ هن شرڪت نه ڪئي ،جنهن سبب ٻنهي ۾ ويڇا وڌي ويا.

شاهد آفريدي جي ويجهي ذريعن جو چوڻ آهي ته آلرائونڊر فيصلو ڪيو آهي ته پي ايس ايل جي ايندڙ سيزن ۾ ڪنهن ٻي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*