سيڪريٽري آبپاشي احمد بخش ناريجو چيو آهي ته سنڌ ۾ 17 هين گريڊ ۾ ڊاڪٽرز ڀرتي ڪري سپتالن ۾ کوٽ پوري ڪئي ويندي

ahmed-bush-11616

سيڪريٽري آبپاشي احمد بخش ناريجو چيو آهي ته سنڌ ۾ 17 هين گريڊ ۾ ڊاڪٽرز ڀرتي ڪري سپتالن ۾ کوٽ پوري ڪئي ويندي، اسپتالن جي نگراني لاءِ آزاد مئنيجمنٽ بورڊ جوڙيو ويندو.

لاڙڪاڻي جي ڊي ايڇ او آفيس ۾ سيڪريٽري صحت احمد بخش ناريجو عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي،جنهن ۾ ڊي ايڇ او ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين  عملدارن شرڪت ڪئي.

سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾  ڊاڪٽرز جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ 17 هين گريڊ ۾ ڊاڪٽرز ڀرتي ڪري مختلف استپالن ۾ مقرر ڪيا ويندا.

سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرز جي پروموشنز ۽ اسپتالن جي نگراني ڪرڻ لاءِ آزاد مئنجمينٽ بورڊ جوڙيا ويندا، جنهن تحت اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي.

سيڪريٽري صحت جو وڌيڪ چوڻ هو ته تعلقي سطح جي اسپتالن ۾ بجلي جي اڻهوند کي نظر ۾ رکي سولر سسٽم واري تجويز غور هيٺ آهي.

 سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ اثرائتا اُپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ ويڪسينيٽرز جي پگهارون نه ملڻ واري شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*