لاهور ۾ پسند جي پرڻي تان پنهنجي ڌيءَ کي جيئرو ساڙيندڙ عورت پروين بي بي پوليس کانپوءِ انڪوائري ڪميٽي آڏو به بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

Pervin-bibi-11616

لاهور ۾ پسند جي پرڻي تان پنهنجي ڌيءَ کي جيئرو ساڙيندڙ عورت پروين بي بي پوليس کانپوءِ انڪوائري ڪميٽي آڏو به بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

لاهور جي فيڪٽريا ايريا واري علائقي ۾ پسند جي پرڻي تان ڌيءَ کي ساڙي ماريندڙ عورت پروين بي بي پوليس کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پاران واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي آڏو به بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

 پروين بي بي انڪوائري ڪميٽي آڏو بيان ڏنو ته هوءَ زينت جي شادي مان خوش نه هئي، ان ڪري کيس قتل ڪيو.

جوابدار عورت بيان ۾ وڌيڪ چيو ته زينت کي پهريان گهٽو ڏئي ماريو ويو ۽ بعد ۾ مٿس پيٽرول هاري باهه ڏني وئي، اهڙي واقعي ۾ گهر جو ٻيو ڪو به ڀاتي ساڻس گڏ نه هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس عورت جي اعترافي بيان بعد سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي فيڪٽري ايريا ۾ 17 ورهين جي زينت کي پسند جي شادي تان پيٽرول هاري باهه ڏني وئي هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*