ڀارت سميت ايٽمي عدم ڦهلاءَ تي صحيحون نه ڪندڙ ملڪن کي نيوڪليئر سپلاءِ گروپ ۾ شامل نه ڪيو ويندو:چيني پرڏيهي ترجمان

Chinese-President

چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته  ڀارت سميت ايٽمي عدم ڦهلاءَ تي صحيحون نه ڪندڙ ملڪن کي نيوڪليئر سپلاءِ گروپ ۾ شامل نه ڪيو ويندو، تيار ڪيل سفارشون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون.

پرڏيهي ميڊيا موجب، چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيوڪلير سپلاءِ گروپ جو اجلاس 9 جون تي ارجنٽينا جي سفير جي صدارت هيٺ ٿيو هو، اجلاس ۾ ڀارت کي  نيوڪلير سپلاءِ گروپ ۾ شامل ڪرڻ واري ايجنڊا شامل نه هئي.

هن چيو ته 9جون تي ٿيل اجلاس ۾ ڀارت جي اين ايس جي ۾ شموليت واري معاملي تي غور نه ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارت کي نيو ڪليئر سپلاءِ گروپ ۾ شامل ڪرڻ جي ايجنڊا شامل نه هئي.

چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ايٽمي عدم ڦهلاءِ تي صحيحون نه ڪندڙ ملڪ کي شامل نه ڪيو ويندو، معاهدي تي صحيحون نه ڪندڙ ملڪن بابت موقف تبديل ناهي ٿيو.

هن چيو ته اجلاس ۾ ميمبرزن جي راءِ جي رپورٽ هلندڙ مهيني سيئول اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، اين ايس جي ۾ نئين شموليت تي ڀرپور بحث ٿيڻ گهرجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*