ٽِي او آر تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو ته عيد کانپوءِ وِڄ ڪِرندي ۽ ڪڪر وسندا:رحمان ملڪ

Rehman-Malik-Asif-15-4-16

 اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پ پ سينيٽر رحمان ملڪ دبئي ۾ ملاقات ڪري پاناما ليڪس سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، رحمان ملڪ چيو آهي ته ٽِي او آر تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو ته عيد کانپوءِ وِڄ ڪِرندي ۽ ڪڪر وسندا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان دبئي ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران رحمان ملڪ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽِي او آر طئي ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ ڊيڊ لاڪ جي حوالي سان بريفنگ ڏني، جنهن تي اڳوڻي صدر سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

ملاقات دوران آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن ۽ بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ ڊرون حملي تي به ويچاريو ويو.

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ٽي او آر ڪميٽي ۾ ڊيڊ لاڪ ختم نه ٿيو ته عيد کانپوءِ وِڄ ڪرندي ۽ ڪڪر به وسندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*