روهڙي ويجهو پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو

Rohri.10

روهڙي ويجهو پوليس پاران ڳوٺ تي چڙهائي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته پوليس عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري 40 گهر ساڙي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس ڳوٺاڻن جي الزام کي رد ڪندي چيو ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙي کانپوءِ چڙهائي ڪري هڪ ناري کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

صالح پٽ جي ڳوٺ مبارڪ مڱريو تي پوليس چڙهائي ۽ 20 کان وڌيڪ گهرن کي باهه ڏئي ساڙڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن الزام هنيو ته پوليس بنا جواز سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو بشانو بڻايو، جنهن بعد 40 گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو  آهي.

هنن چيو ته پوليس  چڙهائي دوران عورتن سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي آهي، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهن.

ڊي ايس پي روهڙي مسعود مهر جو چوڻ آهي ته مڱريا ۽ ميربحر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي ته رهواسين پوليس تي حملو ڪيو.

ڊي ايس پي جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻن جي حملي ۾ اي ايس آءِ محمد نواز ڪورائي ۽ اهلڪار سعيد ميربحر زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي ايس پي روهڙي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺ تي چڙهائي دوران هڪ ناري سياڻي ميربحر کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي ايس پي جو چوڻ هو ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ناري کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ مزاحمت تي مٿس تشدد ڪري زخمي  ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي چيو ته ڳوٺاڻن پاران پوليس تي لڳايل سمورا الزام غلط آهن، پوليس ڪنهن به ڳوٺاڻي کي گرفتار نه ڪيو آهي ۽  ڳوٺاڻن پاڻ گهرن کي باهه ڏئي پوليس تي الزام مڙهيو آهي.

ڊي ايس مسعود مهر جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻن پاران پوليس تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ ناري جي اغوا واري معاملي جو ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*