خيرپور ويجهو ٽول پلازه تي ڀتو نه ڏيڻ تان بااثر ماڻهن جي ساٿين ٻن صحافين مٿان تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو

toll-plaza

خيرپور ويجهو ٽول پلازه تي ڀتو نه ڏيڻ تان بااثر ماڻهن جي ساٿين ٻن صحافين مٿان تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو، ٽنڊو مستي ٿاڻي تي 10 هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

خيرپور کان لاڙڪاڻي ويندڙ ٻن صحافين سليم رضا شيخ ۽ صوفي اسحاق کي ٽنڊو مستي ڀرسان ٽول پلازه تي بااثر ماڻهن جي هٿياربندن روڪي زبردستي ڀتو طلب ڪيو.

صحافين پاران ڀتو ڏيڻ کان انڪار تي بااثر ماڻهن جي غنڊن تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو.

صحافين جي فرياد تي ٽنڊو مستي ٿاڻي تي 10 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*