ٽِي او آر معاملي تي حڪومت جي نيت صاف آهي، چاهيون ٿا ته معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي:عابد شير علي

Abid-Shair-Ali-30416

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ٽِي او آر معاملي تي حڪومت جي نيت صاف آهي، چاهيون ٿا ته معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي، عمران خان ڏڦيڙ واري سياست چاهي ٿو، هــُو ٻيهر ڌرڻا سياست جو شوق پورو ڪري وٺي.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ڪي پي ۾ صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، اتي ڪوئن جي صورت ۾ الله جو عذاب آيو آهي.

هن چيو ته ڪي پي حڪومت ڪوئا مارڻ ۾ لڳي پئي آهي، اها خيبر پختونخواه جي عوام جي بدقسمتي آهي جو عمران خان جي ناڪام حڪومت ملي آهي.

عابد شير علي چيو ته ٽِي او آر معاملي تي حڪومت جي نيت صاف آهي، هــُو پاناما ليڪس وارو معاملو هميشه لاءِ حل ڪرڻ چاهين ٿا.

شيرين مزاري کي ٽريڪٽر ٽرالي ڪوٺڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي پي ۾ به کدڙن فقيرن جي شامت آيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*