پنجاب جَي شهر فيصل آباد ۾ پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد جي نتيجي ۾ چانهه وڪرو ڪندڙ پورهيت فوت ٿي ويو

faslabad

پنجاب جَي شهر فيصل آباد ۾ پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد جي نتيجي ۾ چانهه وڪرو ڪندڙ پورهيت فوت ٿي ويو، وارثن پاران نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي نشي جي حالت ۾ گهر ۾ گهڙڻ تي قتل ڪيو ويو.

فيصل آباد ۾ چانهه وڪرو ڪندڙ نوجوان فياض پوليس اهلڪارن کي مفت ۾ چانهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون.

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته رات دير سان فياض چانهه کپائي گهر اچي رهيو هو ته پوليس اهلڪارن کيس تشدد جو نشانو بڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هن دم ڏنو.

نوجوان جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف وارثن لاش رکي پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، جنهن دوران نعريبازي ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فياض نشي جي حالت ۾ هڪ گهر اندر گهڙيو، جنهن تي گهر ڀاتين کيس تشدد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گهر مالڪ حماد رياض کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي دٻاءَ سبب مقتول جي وارثن پوليس اهلڪارن کي خون معاف ڪري ڇڏيو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*