چين جي شنگهائي ايئرپورٽ تي گرنيڊ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيو آهي، پوليس ڌماڪي واري حصي کي بند ڪري ڇڏيو

chani-airport

چين جي شنگهائي ايئرپورٽ تي گرنيڊ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيو آهي، پوليس ڌماڪي واري حصي کي بند ڪري ڇڏيو آهي.

شنگهائي جي پڊونگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي اختيارين موجب هوائي اڏي جي ٽرمينل ٽو جي “سي چيڪ اِن” ايريا ۾ هٿرادو ٺاهيل ڪريڪر جي ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ايئرپورٽ اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ صورتحال ضابطي هيٺ آهي ۽ ڪابه اڏام متاثر نه ٿي آهي ۽ فلائيٽ آپريشن معمول موجب جاري آهي.

چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب ڌماڪو فائر ڪريڪر جو هو، جڏهن ته هڪ ٻي رپورٽ موجب ٻه بيگ 5 – 5 سيڪنڊن جي وقفي سان ڦاٽي پيا، جنهن جي نتيجي 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*