تحريڪ انصاف پاناماليڪس تي حڪومت کي رمضان کانپوءِ ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Imran-Khan-14-4-16

تحريڪ انصاف پاناماليڪس تي حڪومت کي رمضان کانپوءِ ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عمران خان چيو آهي ته پاناماليڪس معاملي تي حڪومت غير سنجيده نظر اچي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان شاهه محمود قريشي جي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽي او آر ڪميٽي جي ڊيڊ لاڪ تي بريفنگ ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي ٽي او آر ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت بابت عمران خان کان راءِ گهري ورتي.

شاهه محمود قريشي عمران خان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت سنجيده نظر نٿي اچي، وزير اعظم ۽ سندس ڪٽنب کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

عمران خان پاناماليڪس جي جاچ لاءِ حڪومتي روين تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته رمضان کانپوءِ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏنو ويندو، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*