وفاقي سرڪار پاناماليڪس جي جاچ لاءِ تيار ڪيل ٽي او آر جماعت اسلامي جي حوالي ڪري کانئنس سهڪار جي درخواست ڪري ڇڏي

sad-rafiq

وفاقي سرڪار پاناماليڪس جي جاچ لاءِ تيار ڪيل ٽي او آر جماعت اسلامي جي حوالي ڪري کانئنس سهڪار جي درخواست ڪري ڇڏي، خواجه سعد رفيق چيو آهي ته حڪومت پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ لاءِ سنجيده آهي، سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث سياستدانن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير انوشا رحمان ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران وفاقي وزيرن پاناما ليڪس جي جاچ بابت ٽي او آر سراج الحق جي حوالي ڪيا، حڪومت سان سهڪار جي درخواست ڪئي.

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته  حڪومت احتساب  لاءِ سنجيده آهي، پاناما ليڪس ۾ جنهن جو نالو آيو، ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، قانوني صلاحڪارن سان مشاورت بعد حڪومت کي جواب ڏنو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*