ٽنڊو محمد خان ۾ مبينا طور 13 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

tando-muhmmad-khan-gril-

ٽنڊو محمد خان ۾ مبينا طور 13 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، پوليس نينگر ي ۽ ان جي وارثن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن.

ٽالپر ڪالوني مان 3 ڏينهن اڳ 13 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪري حيدرآباد ۾ کڻي وڃي زيادتي جو بشانو بڻائيندڙ جوابدار احسان سومرو کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري سان زيادتي واري معاملي جو وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪندي متاثر نينگري ۽ ان جي وارثن جا بيان قلمند ڪيا ويا آهن، جيڪا رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

واضح رهي ته جوابدار  احسان سومرو  3 ڏينهن اڳ ٽالپر ڪالوني مان 13 ورهين جي نينگري اغوا ڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ زيادتي جو بشانو بڻائي وپس گهر ڇڏي ويو هو، جنهن بعد وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*