سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڙڪاڻي جي هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت جي آپريشن دوران سندس پيٽ ۾ قينچي رهجي وڃڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو

larkana-woman-in-lough-key

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڙڪاڻي  جي هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت جي آپريشن دوران سندس پيٽ ۾ قينچي رهجي وڃڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي  سي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ميروخان تعلقي جي ڳوٺ اڪرم لنجواڻي جي رهواسڻ ارباب خاتون گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ گهر ڀاتين سان گڏ احتجاج ڪندي چيو هو نجي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب سندس پيٽ ۾ قينچي رهجي وئي آهي ۽ ٻيهر آپريشن لاءِ ڊاڪٽر 50 هزار رپيا طلب ڪري رهيا آهن.

وڏي وزير عورت جي آپريشن دوران سندس پيٽ ۾ قينچي رهجي وڃڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي  سي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير عورت جي ٻيهر آپريشن لاءِ کائنس 50 هزار رپيا طلب ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*