پشاور جي خـــزانا واري علائقي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

peshawar-protest

پشاور جي خـــزانا واري علائقي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

خزانا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، مڇريل ماڻهن چارسده روڊ تي ڌرڻو هنيو.

مظاهرين دانهيو آهي ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب سندن جيئڻ تنگ ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي به بحران پيدا ٿي ويو.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شيڊول موجب بجلي بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*