لاهور هاءِ ڪورٽ، پاناماليڪس جي جاچ نيب کان ڪرائڻ بابت درخواست تي قومي احتساب بيورو کي نوٽيس جاري

LahoreHighCourtLHC12-8

لاهور هاءِ ڪورٽ، پاناماليڪس جي جاچ نيب کان ڪرائڻ بابت درخواست تي قومي احتساب بيورو کي نوٽيس جاري ڪندي 28 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ قومي احتساب بيورو کان ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پاناماليڪس اهم معاملو آهي، عدالتي حڪم باوجود نيب جاچ شروع نه ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پاناماليڪس ۾ وزير اعظم نواز شريف جي ڪٽنب جو نالو شامل هئڻ سبب ملڪ جي بدنامي ٿي آهي، جڏهن ته نيب جاچ ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ، اهڙي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري 28 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*