سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي جزوي طور بند ڪرايل سپر اسٽور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

imtiaz-supor-store

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي جزوي طور بند ڪرايل سپر اسٽور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته انتظاميا ٽريفڪ ڪنٽرول ڪري، ڪاروبار ڇو بند ڪرايو ويو؟ عدالت سپر اسٽور ڀرسان غيرقانوني پارڪ ٿيندڙ گاڏين کي کڻڻ يا انهن جي ٽائرن مان جي هوا ڪڍڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ راشد منهاس روڊ تي سپر اسٽور بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت چيو ته غيرقانوني پارڪنگ ٿيڻ انتظاميا جي ناڪامي آهي، جنهن جي اجازت نه هئڻ گهرجي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته انتظاميا ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪري ڪاروبار بند ڇو ڪرايو ويو آهي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر اسٽور ڀرسان غيرقانوني طور پارڪ ٿيندڙ گاڏين کي کڻڻ يا ٽائرن مان هوا ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ان کان اڳ ڪمشنر ڪراچي راشد منهاس روڊ تي ٽريفڪ جام جو سبب ڄاڻائيندي سپر اسٽور منجهند 3 وڳي کان رات 9 وڳي  تائين بند رکڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*