لاڙڪاڻي ۾ پوليس جمعدار جي 6 مهينن جي پٽ جو پاڻيءَ جي ٽَپ مان لاش هٿ آيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جمعدار جي 6 مهينن جي پٽ جو پاڻيءَ جي ٽَپ مان لاش هٿ آيو، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ تي پوليس هڪ ڄڻَي کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪنگا ٿاڻي جي حد نور ڪالوني ۾ پوليس جمعدار الطاف جاگيراڻي جي 6 مهينن جي پٽ صفيان جو گهر ۾ پاڻيءَ جي ٽپ مان لاش مليو.

پوليس جمعدار پاران مخالفن تي ٻارڙَي جي قتل جي الزام بعد پوليس ڪارروائي ڪري شڪ جي بنياد تي هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙَي جي لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*