حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري لاءِ اپوزيشن سان باضابطه رابطو ڪري پارلياماني ڪميٽيءَ لاءِ نالا گهري ورتا

parvez-rashid

حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري لاءِ اپوزيشن سان باضابطه رابطو ڪري پارلياماني ڪميٽيءَ لاءِ نالا گهري ورتا آهن، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته  اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري شفاف نموني سان ٿيڻ گهرجي.

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد اسلام آباد ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ضابطه طئي ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب، وفاقي وزير پرويز رشيد اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري  بابت پارلياماني ڪميٽي لاءِ اپوزيشن کان نالا گهريا.

ملاقات بعد ميڊيا ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پرويز رشيد اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري جا نالا گهريا آهن، پارلياماني ڪميٽيءَ لا اياز سومري بدران عمران ظفر لغاري جو نالو ڏنو ويو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن آزاد ۽ خودمختار اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي،   ميمبرز جي مقرري شفاف نموني سان ٿيڻ گهرجي.

ذريعن موجب، پرويز رشيد ملاقات دوران پاناما ليڪس معاملي تي پارلياماني ڪميٽيءَ وچ ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ بابت به خورشيد شاهه کي درخواست ڪئي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جا چار ئي ميمبرز رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت سمورا ميمبرز چيف اليڪشن ڪمشنر سنڀالي رهيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*