ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عبدالله شيخ ڊويزن جي پنج ئي ضلعن ۾ او پي ايس تي ڊي ايس پي طور مقرر انسپيڪٽرز کي هٽائيندي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم

DIG-Abdullah-Shaikh-Larkana

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عبدالله شيخ ڊويزن جي پنج ئي ضلعن ۾ او پي ايس تي ڊي ايس پي طور مقرر انسپيڪٽرز کي هٽائيندي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي ايس ايس پيز کي هدايتون جاري ڪندي ڊي ايس پي جي پوسٽ تي مقرر سمورن انسپيڪٽرز کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو.

ڊي ايس پي جي پوسٽ تان هٽايل سمورن انسپيڪٽرز کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي حڪم تي او پي ايس تي مقرر پوليس آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*