پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال بجيٽ خرچ ڪرڻ کان اڳ صوبائي فنانس ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو
پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال بجيٽ خرچ ڪرڻ کان اڳ صوبائي فنانس ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو رويو غير جمهوري آهي .
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ عام ماڻهو جي حالت خراب ٿي آهي ۽ ٻڌايو وڃي ته 18هين ترميم کانپوءِ ڪهڙا مسئلا حل ٿيا آهن.
هن چيو ته اين ايف سي رقم ضايع ٿي رهي آهي، پئسو خرچ ٿيڻ باوجود منصوبا نه پيا لڳن ۽ ڪجهه ماڻهو ڪروڙين ماڻهن جي قسمت جو فيصلو ڪري رهيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته اين ايف سي جو گهڻو گوڙ ٻڌو پر صوبائي سطح تي ڪم نه ٿيو ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏيڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو رويو غير جمهوري آهي ۽ هاڻ بجيٽ جو پئسو ظايع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
هن چيو ته اين ايف سي جو فارمولا صوبن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ ڏسڻو پوندو ته مهانگائي، غربت ۽ آبادي ڪٿي گهڻي آهي.