پشاور ۾ جبري بدلي ڪرڻ تان مڪاني کاتي جي ملازم فائرنگ ڪري سيڪريٽري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو

peshawar-local-goverment-se

پشاور ۾ جبري بدلي ڪرڻ تان مڪاني کاتي جي ملازم فائرنگ ڪري سيڪريٽري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب، پشاور ۾ ٽي ايم اي ملازم مڪاني ادارن واري سيڪريٽري جي آفيس تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جبري بدلي ڪرڻ تان سيڪريٽري مٿان حملو ڪيو، ان حوالي سان وڌيڪ کانئنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*