پوليس ڪراچي جي منگهوپير واري علائقي ۾ سرچ آپريشن 35شڪي ماڻهو گرفتار

karachi-mango-pir

پوليس ڪراچي جي منگهوپير واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران جوابدارن سميت 35شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڌماڪيدار مادو ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، ايس ايس پي اولهه پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن مان ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

ايس ايس پي اولهه موجب منگهو پير جي ميرمحمد ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن دوران 35 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان ٻن دهشتگردن جي محمد نور ۽ احسان الله طور سڃاڻپ ٿي آهي.

ايس ايس پي اولهه موجب گرفتار جوابدارن وٽان 40 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو، راڪيٽ لانچر، ايس ايم جيز، 4 هزار گوليون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي اولهه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ٻين جوابدارن بابت جاچ جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*