رانگ نمبر ملائي ماڻهن کي هرکائي اوٻاوڙو ۽ گهوٽڪي گهرائڻ بعد اغوا ڪندا هئاسين:راحب شر

rahib-Shar

عورتاڻي آواز ۾ فون ڪري ماڻهن کي هرکائي اغوا ڪندڙ ڌاڙيل راحب شر ماڻهن کي ڦاسائڻ واري طريقن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته هو ڪنهن سان به رانگ نمبر تي ڳالهائي کيس ڦاسائي وٺندو هو، اهڙي فون تي پاڻ کي اغوا ڪرائيندڙ اڳوڻي نائب ناظم ٻڌايو ته کيس اندازو ئي نه ٿيو ڪو مرد ڳالهائي رهيو آهي.

 ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڌاڙيل راحب شر چيو ته رانگ نمبر ملائي ماڻهن کي هرکائي اوٻاوڙو ۽ گهوٽڪي گهرائڻ بعد اغوا ڪندا هئا، هيل تائين 56 ڄڻن کي اغوا ڪري چڪو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪي ماڻهو اغوا نه ٿيندا هئا پر چڱي خاصي رقم ايزي لوڊ ڪرائي ويندا هئا.

راحب شر ٻڌايو ته کيس به ڪجهه ماڻهن ايئن ئي دوکو ڏنو ۽ ايزي لوڊ ڪرائيندا رهيا.

عورتن جي آواز تي هرکجي اغوا بعد بازياب ٿيل اڳوڻي نائب ناظم ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته هو پيار جي ڳالهين ۾ ڦاسجي اغوا ٿيو، ڌاڙيل کيس رانوتي جي ڪچي ۾ رکي مارڪٽ ڪندا هئا.

هن چيو ته کيس ان ڳالهه تي شرم نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته غلطي سندس نه پر انهن جي آهي، جن دوکو ڏنو.

ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ شر ۽ ڪوش برادري جا ڏوهاري ملوث آهن.

هن چيو ته راحب شر جي ڪاررواين جون شڪايتون تمام وڌي ويون هيون، اهڙين ڪاررواين ۾ 3 گروهه شامل آهن، هڪ گروهه ماڻهون کي هرکائي گهرائي ٻئي گروهه وٽ ترسائيندو هو، جڏهن ته ٽيون گروهه ڀنگ جي ڊيل ڪندو هو.

ايس پي جو چوڻ هو ته پنجاب، خيبر پختونخواهه سميت ٻين صوبن جا ماڻهو به فون تي هرکجي اغوا ٿي چڪا آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*