اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ سبب آهي:اعزاز چوڌري

azaz-chudhry

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ سبب آهي، واشنگٽن جو لاڙو ڀارت طرف وڌڻ تي پاڪستان احتجاج ڪري چڪو آهي، سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عالم خٽڪ جو چوڻ آهي ته امريڪا کان ايف سورنهن جهاز خريدڻ وارو باب ختم ٿي ويو، ويڙهاڪ جهاز هاڻي اردن کان خريد ڪيا ويندا.

سينيٽ جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽين جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن دوران آمريڪي ڊرون حملي، ايف 16 جهازن جي خريداري وارن معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ سبب آهي.

هن چيو ته امريڪا جو لاڙو ڀارت طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان امريڪا آڏو احتجاج ڪيو آهي، پاڪ-آمريڪا ڇڪتاڻ جو هڪ ٻيو سبب آمريڪا پاران ڀارت کي حد کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ به آهي.

اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان آمريڪا سان نتيجا ڏيندڙ لاڳاپا چاهي ٿو، پر واشگنٽن جي پاليسين سبب اسلام آباد کي نقصان پهچي رهيو آهي.

پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته امريڪا آڏو واضح ڪري چڪا آهيون ته ايٽمي پروگرام سميت ملڪ جي سلامتي وارن معاملن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

ڪميٽيءَ جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته امريڪا ڇا ٿو چاهي، هڪ طرف طالبان سان ڳالهين جو چيو پيو وڃي وري ٻي طرف حملا ٿي رهيا آهن.

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته ڊرون حملي تي امريڪا آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي، ملا منصور جو پاسپوٽ پاڪستان وٽ آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهو پاسپورٽ اصلي هو يا جعلي آهي، جڏهن ته ان معاملي تي به غور ڪيو پيو وڃي ته گاڏي کي باهه لڳڻ باوجود ملا منصور جو پاسپورٽ سڙڻ کان ڪيئن بچي ويو.؟

 اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عالم خٽڪ چيو ته امريڪا کان ايف 16جهاز خريدڻ وارو باب ختم ٿي ويو آهي، پاڪستان ويڙهاڪ جهاز هاڻي اردن کان خريد ڪندو، جنهن تي امريڪا به راضپو ظاهر ڪيو آهي.

هـُن چيو ته پاڪستان پنهنجي ملڪي خودمختياري ۽ قومي سلامتي لاءِ هر مثبت قدم کڻي رهي آهي.

پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ سڪيورٽي ادارن جي مشاورت غلط نه آهي، چين سان بهتر لاڳاپا ۽ راهداري منصوبو وڏي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ايران سان بهتر لاڳاپن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، آمريڪي شرطن تي ملڪي مفادن بابت سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*