سپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪندي هڪ جوابدار جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪندي هڪ جوابدار جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل 17 جوابدارن جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت اٽارني جنرل ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 4 جوابدارن علي حيدر، تاج محمد ۽ عتيق الرحمان جي اپيلن فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ قاري ظهير جي موت واري سزا تي عملدرآمد معطل ڪندي جوابدارن جي وڪيل کي ڪيس جي ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته دهشتگردي جي مختلف ڪيسز ۾ فوجي عدالتن پاران 17 کان وڌيڪ جوابدارن کي موت جي سزائن جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*