فرانس جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنت جي گروپ سي جي هڪ ميچ ۾ جرمني جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد يوڪرائن جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

footbal

فرانس جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنت جي گروپ سي جي هڪ ميچ ۾ جرمني جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد يوڪرائن جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

فرانس  جي شهر للي ۾ کيڏي ويل يوروڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي گروپ سي جي ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ ۾جرمني جي ٽيم جي رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي مخالف ٽيم گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري کين کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو.

جرمني جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد يوڪرائن جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي.

جرمن ٽيم جي ڪاميابي ۾ شوڪڊران مسٽافي ۽بيسٽين شوينيسٽرگر هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*