پيرڳوٺ ۾ گدا گيري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پيرسن کي نافرمان پٽن پيسا نه ڏيڻ تان تشدد ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

Pirgouth-tashadud-14616

پيرڳوٺ ۾ گدا گيري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پيرسن کي نافرمان پٽن پيسا نه ڏيڻ تان تشدد ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، پيرسن پنهنجي پٽن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ وليو شيخ جي رهواسي پيرسن غلام قادر شيخ کي پئسا نه ڏيڻ تان نافرمان پٽن تشدد جو نشانو بڻائي گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

پيرسن ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي چيو ته هو گدا گيري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي، پر نافرمان پٽ کيس سهارو ڏيڻ بدران زبردستي پيسا ڦري ويندا آهن.

هن چيو ته پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي نافرمان پٽن کيس سخت وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد کيس گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.

هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس نافرمان پٽ الهجڙيو ۽  انعام شيخ خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*