ڪراچي ۾ رينجرز اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-14616

ڪراچي ۾ رينجرز اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پراڻي سبزي منڊي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 رينجرز ترجمان موجب اورنگي ٽائون مان ٻن  ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي، جڏهن ته پراڻي سبزي منڊي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پراڻي سبزي منڊي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق القاعدا ننڍي کنڊ سان آهي، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*