ڪراچي جي عدالت حليمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Haleema-case-14616

ڪراچي جي عدالت حليمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سڀاڻي جوابدار رضوان کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ حليمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر انسپيڪٽر نصرالله پيش نه ٿيو.

عدالت جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي جوابدار رضوان ۽ سندس گهرواري سونيا کي به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي جوابدار سونيا چيو ته هــُوءَ بيگناهه آهي، قتل ڪيس ۾ ملوث ناهي، تنهن ڪري کيس گهر وڃڻ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*