نوابشاهه ويجهو ڳوٺ ۾ مهمان ٿي ويل همراهه پر اسرار نموني فوت ٿي ويو، لاش ڪمند جي فصل مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو

Nawabshah-Deadbody-14616

نوابشاهه ويجهو ڳوٺ ۾ مهمان ٿي ويل همراهه پر اسرار نموني فوت ٿي ويو، لاش ڪمند جي فصل مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڳوٺ ڦوٽو خان زرداري ۾ شهدادپور جي رهواسي 45 ورهين جي سائين بخش پٽ الهه جڙيو عمراِڻي جو پر اسرار حالت ۾ ڪمند جي فصل مان لاش هٿ ڪيو ويو.

پوليس موجب پر اسرار نموني فوت ٿي ويل همراهه ڳوٺ ۾ مهمان ٿي آيل هو، جنهن جو لاش صبح جو ڪمند جي فصل مان هٿ آيو.

پوليس موجب فوتي جي وڏي ڀاءُ طالب حسين جو چوڻ هو ته هنن جو ڀاءُ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، فوتي جي وارثن نه ڪو واقعي جو ڪيس داخل نه ئي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*