متحده سان واسطو رکندڙ دهشتگرد سعيد ڀرم رينجرز آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا 34 ڪارڪن را کان تربيت ورتل آهن ۽ ڪراچي آپريشن کانپوءِ 13ٽارگيٽ ڪلرز پرڏيهه فرار ٿي ويا

Saeed-MQM-14616

متحده سان واسطو رکندڙ دهشتگرد سعيد ڀرم رينجرز آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا 34 ڪارڪن را کان تربيت ورتل آهن ۽ ڪراچي آپريشن کانپوءِ 13ٽارگيٽ ڪلرز پرڏيهه فرار ٿي ويا آهن.

رينجرز هٿان گرفتار ٿيل سعيد ڀرم انڪشاف ڪيو آهي ته هو متحده جي 34 اهڙن ڪارڪنن کي سڃاڻي ٿو، جن ڀارتي ايجنسي را تربيت ورتي آهي.

سعيد ڀرم موجب ڪراچي آپريشن کانپوءِ 13 ٽارگيٽ ڪلرز پرڏيهه فرار ٿي ويا آهن.

سعيد ڀرم انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ مخصوص ڪوڊ استعمال ڪيو ويندو، ڪلاشنڪوف لاءِ ڪمپيوٽر، پسٽل لاءِ پينسل ۽ ڌماڪيدار مادي لاءِ چونو استعمال ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*