ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن انتظاميه پاران 14 مطالبن تي مشتمل چارٽرڊ ڊمانڊ تي عمل نه ٿيڻ خلاف 14 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

Jamshoro-Protest-14616

ڄامشوري ۾  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن انتظاميه پاران 14 مطالبن تي مشتمل چارٽرڊ ڊمانڊ تي عمل نه ٿيڻ خلاف 14 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لسوا پاران محمد علي گهانگهرو، سيد گنبل شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊينٽل ڊپارٽمنٽ کان مارچ ڪري انتظامي بلاڪ اي سي ٽو جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن چيو ته لمس انتظاميه 2 هفتن کان ملازمن جي هلندڙ پرامن احتجاج تي ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن ڪري هو جائز مسئلن  روڊن تي آهن.

 هنن چيو ته ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ، هائوسنگ سوسائٽي تحت رهائشي پلاٽ ڏيڻ، ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پبلڪ هاءِ اسڪول جو قيام، هيلٿ انشورنس پاليسي ٻيا مطالبا تسليم نه پيا ڪيا وڃن، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن چيو ته لمس جي وي سي جي عدم دلچسپي هئڻ ڪري ملازم بنيادي مسئلن جو شڪار آهن، انتظامي ڪارنهوار  ۾ به من پسندي ۽ ڪرپشن جي انتها  ٿي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا فوري طور تسليم ڪري راشي وائيس چانسلر کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*