ڄامشورو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين پاران مٽ دلا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍڻ کانپوءِ ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو

Jamshoro-Water-protest-14616

ڄامشورو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين پاران مٽ دلا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍڻ کانپوءِ ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.

ڀريا وليج جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ساگر حنيف ڀڙدي، شريف ڀٽو، سهيل جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به ريلي ڪڍي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد هڪ لک کان وڌيڪ آبادي جي شهر کي 5 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن ڪري رهواسين پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.

 هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ ۽ ٽي ايم او ڪوٽڙي جي نااهلي هئڻ ڪري ڀريا وليج ۽ ٻين واٽر سپلائن واري بقاياجات جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطلالبو ڪيو ته متاثر علائقن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*