ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي شاهدن جي بيان واريون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Dr-Asim-Case-14-4-16

ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي شاهدن جي بيان واريون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي بيانن کي ڪيس جو حصو نه بڻايو ويو آهي، فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ نيب کان پڇيو وڃي ته بيانن کي رڪارڊ جو حصو ڇونه بڻايو ويو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ جَي جَي وِي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته وفاقي وزير ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي سيڪريٽري سميت ٻين شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا پر اهي نيب جي رڪارڊ جو حصو نه بڻايا ويا، جيڪا بدنيتي آهي.

هن چيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ نيب کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته رڪارڊ ڪيل بيانن کي ڪيس جو حصو ڇونه بڻايو ويو، جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته اهو معاملو عدالت اڳ ئي اڪلائي چڪي آهي.

جوابدار بشارت مرزا جي وڪيل چيو ته سندس موڪل کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن، جنهن تي عدالت شاهدن جي بيانن واريون ڪاپيون جوابدارن کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*