طور خم بارڊر تي افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ميجر جواد چنگيزي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته بارڊر تي ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار

Ali-Jawad-14616

طور خم بارڊر تي افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ميجر جواد چنگيزي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته بارڊر تي ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار آهي، افغان پرڏيهي وزارت ڪابل ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

طور خم بارڊ تي 3 ڏينهن اڳ افغان سڪيورٽي فورس جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾  ميجر جواد احمد چنگيزي سميت 17 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي سي ايم ايڇ پشاور منتقل ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، افغان فورس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ميجر جواد احمد چنگيزي سي ايم ايڇ پشاور ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميجر جواد چنگيزي جو واسطو ڪوئيٽا سان آهي، سندس وارثن کي شهادت جو اطلاع ڏنو ويو آهي.

ڇڪتاڻ سبب مقامي انتظاميه پاران طور خم کان لنڊي ڪوتل  ۾ لاڳو ڪيل ڪرفيو ٻن ڏينهن کانپوءِ ختم ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو گشت وڌايو ويو آهي.

افغان ميڊيا موجب، افغان پرڏيهي وزارت پاران ڪابل ۾ مقرر پاڪستاني سفير سيد ابرار حسين کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو ۽ هڪ احتجاج تي ٻڌل خط به سندس حوالي ڪيو ويو.

افغانستان جي ڊپٽي پرڏيهي وزير الزام هنيو ته طور خم بارڊر وٽ گيٽ جي تعمير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

آءِ ايس پي آر گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان پنهنجي حدن جي اندر گيٽ تعمير ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد دهشتگردن جو لنگهه بند ڪرڻ آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان پاران به افغانستان جي سفارتڪار کي طلب ڪري طور خم بارڊر تي فائرنگ واري واقعي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*