پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاناما ليڪس جي ٽي او آر تي پارٽي اڳواڻن کي ڄمي بيهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مفاهت حڪومت نه پر اپوزيشن سان ڪئي ويندي

Bilawal-14616

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاناما ليڪس جي ٽي او آر تي پارٽي اڳواڻن کي ڄمي بيهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مفاهت حڪومت نه پر اپوزيشن سان ڪئي ويندي، حڪومت مخالف ڌر جا ٽي او آرز تسليم نه ڪري کين روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.

ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽي او آر ڪميٽي ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي اڳواڻن کي گڏيل اپوزيشن سان گڏجي هلڻ جي هدايت ڪئي آهي.

بلاول ڀـُٽو زرداري چيو ته پاناما ليڪس ضابطن بابت گڏيل اپوزيشن جيڪو به فيصلو ڪري پيپلزپارٽي ان جي حمايت ڪري.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس جي ٽي او آر تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي وزيراعظم کي ڀڄڻ ڏنو ويندو.

بلاول ڀـُٽو زرداري وڌيڪ چيو ته حڪومت اپوزيشن جا ٽي او آر تسليم نه ڪري روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، مفاهمت حڪومت سان نه پر اپوزيشن سان ڪئي ويندي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*