دادو ۾ پوليس عملدار پاران مبينا طور تشدد ڪرڻ خلاف ناري جو احتجاج

dadu-woman-protest

دادو ۾ پوليس عملدار پاران مبينا طور تشدد ڪرڻ خلاف ناري احتجاج ڪندي چيو ته عملدار کيس پنهنجي پٽ سان شادي ڪرائڻ چاهي، جنهن جو انڪار ڪرڻ هن مٿس تشدد ڪيو.

غريب آباد محلي جي رهواسڻ ناري منيزا پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي پاڻ تي ڪيل تشدد جا زخم ڏيکاريا.

ناري جو چوڻ هو ته نوشهرو فيروز ٿاڻي جي صوبيدار مصطفيٰ عالماڻي کيس يرغمال بڻائي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هن چيو ته پوليس عملدار کيس پنهنجي پٽ سان شادي ڪرڻ جو چيو هو، جنهن جو انڪار ڪرڻ تي هن کيس باندي بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

ناري وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي مائيٽن جي چوڻ تي نوجوان اسد سولنگي سان شاددي ڪئي آهي، جنهن سان گڏ هو خوشي سان زندگي گزاري رهي آهي، صوبيدار کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ناري پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس صوبيدار خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*