وفاقي گهرو وزارت سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

ayan-ali-new-pic

وفاقي گهرو وزارت سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو، وفاقي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان عدالت ۾ پيش ٿي ليٽر جي ڪاپي جمع ڪرائيندي آگاهي ڏني ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بعد ٻيهر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو هو، جنهن خلاف سپر ماڊل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*