ڪراچي جي عدالت ايڌي سينٽر ۾ موجود ٻارڙَي عبدالله سان اقبال چوڌري کي مهيني ۾ 2 ڀيرا ساڻس ملاقات ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Abdullah-Edhi-11616

ڪراچي جي عدالت ايڌي سينٽر ۾ موجود ٻارڙَي عبدالله جي حوالگي واري ڪيس جو محفوظ فيصلو ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سندس دعويدار پيءُ اقبال چوڌري کي مهيني ۾ 2 ڀيرا ساڻس ملاقات ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت ٻارڙَي ۽ چوڌري اقبال جو 14 جولاءِ تائين رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ايڌي سينٽر ۾ موجود ٻارڙَي عبدالله جي حوالگي بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سندس دعويدار والد چوڌري اقبال کي ملاقات جي اجازت ڏني.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته چوڌري اقبال کي ٻارڙَي عبدالله سان هر مهيني 2 ڀيرا 2-2 ڪلاڪ ملاقات ڪرائي وڃي.

عدالت ٻارڙَي عبدالله ۽ سندس دعويدار والد چوڌري اقبال جو نادرا رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي 14 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ چوڌري اقبال عدالت ۾ پيش ٿي حليمان سان شاديءَ جو نڪاح نامو جمع ڪرائيندي چيو ته 12 نومبر 2007ع تي ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ حليمان سان نڪاح ڪيو ۽ 20 هزار رپيا حق مهر به ادا ڪئي.

چوڌري اقبال چيو ته عبدالله سندس پٽ آهي، زال جي قتل کانپوءِ ٻارڙَي جو هــُو وارث آهي، تنهنڪري ٻارڙو سندس حوالي ڪيو وڃي.

فيصل ايڌي جي وڪيل عبدالله جي حوالگي جي مخالفت ڪندي چيو ته ٻارڙَي پيءُ کي سڃاڻڻ کان به انڪار ڪيو آهي، زال مڙس ۾ عليحدگي کانپوءِ والد ڪڏهن به پٽ جي سار سنڀال نه لڌي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*